تعارف ضلعو شهيد بينظيرآباد
سنڌ جي نقشي ۾ نظر وجهبي ٿي ته نوابشاهه سينڌ جيان آهي. ضلعو، سرسبز، شاداب ۽ پيداوار جي لحاظ کان خوشحال آهي. نوابشاهه قديم روايت موجب نوابشاهه نالي سيد ، جنهن جو تعلقه مٽياري جي سنائي
شاخ جي امينائي پاڙي وارن سان هو ۽ نوابشاهه کي آباد ڪيو. سندسن خاندان جا پونئير
اڄ به شهر جي وچ ۾ ”نوابشاهه هائوس“ ۾ رهائش پذير آهن. ميرن کان 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪئي، سنڌ تي انتظامي لحاظ
کان ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ورهايو ويو، پر پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت
ختم ڪري بمبئي پريزنسي سان ملايو. اهو به مشهور آهي ته نوابشاهه کي پهريائين نصرت
ڪئنال وهڻ جي ڪري تعلقه جو مقام مليو.
انگريزن سنڌ جي وچ ۾ هجڻ
ڪري نوابشاهه کي 1912ع ۾ ضلعي جو درجو ڏنو. پهريون ڪليڪٽر حامد علي مقرر ڪيو.
نوابشاهه جي فرزند سيد ٻڍل شاهه پنهنجي 60 ايڪڙ زمين برٽش سرڪار کي مفت ڏني. جتي
ڪليڪٽر جي ڪچهري، درٻار هال، سرڪاري عمارتون، ريلوي اسٽيشن، تعليمي ادارا، هوائي
اڏو، اسپتال ۽ ڪارخانه ٺهيا، اهڙي طرح نوابشاهه جي ترقي جا رستا کليا. 1954ع تائين
سنجهورو ۽ شهدادپور نوابشاهه جا تعلقه هئا. ضلعو نوابشاهه ساهتي پرڳڻي تائين وسيع
هو، جنهن ۾ ڪنڊيارو، نوشهرو ۽ مورو تعلقه به شامل هئا. ساهتي پرڳڻي جي حوالي سان
ڪوٽڙي ڪبير جو علميمرڪز، هالاڻي بهلاڻي، درٻيلو مخدوم، سيد الهندو شاهه، نوشهرو
مدرسو، جتوئي سياستدان، موري جا قاضي، گچيري ۾ مخدوم بلاول جي خليفي مخدوم هڱوري
جو مقبرو مشهور آهي.
1889ع ۾ 30ساهتي پرڳڻي کي نوابشاهه کان ڇني الڳ ضلعو نواشاهه
ٺاهيو ويو. هن وقت ٻن سب
ڊويزن سڪرنڊ ۽ نوابشاهه
چئن تعلقن
، نوابشاهه، سڪرنڊ، دوڙ ۽ قاضي احمد، 51 يونين ڪائونسلن جي (هر يونين ڪائونسل جي آبادي 20 کان هزار تي مشتمل آهي)، 323 ديهون 4947 ڳوٺ جن ۾ وري 327 ڳوٺنجي آبادي
لڳ ڀڳ هڪهزار آهي، 1360743 جي آبادي جي هي ضلعو ٻهراڙي ۾ )
(73.9% 1005589 ۽ شهري آبادي (26.1%) 355154 آبادي
شهرن ۾ رهي ٿي،
جنهن ۾ (0 کان 11 مهينن تائين) 47626 ٻار، )ٻارهن کان ٽيويهن مهينن تائين ٻار ( 46265 ، (پنجنسالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جو تعداد) 231326 (پندرهن سالن گهٽ عمر وارن ٻارن جو تعداد) 612334 ، (ٻار ڄڻڻ جيصلاحيت رکندڙ عورتن جو تعداد)
244933 ۽ (حاملا عورتن جو تعداد) 54428 آهي. هي ضلعو 4502 ڪلو
ميٽر سڪائر فوٽ جي ايراضي تي مشتمل آهي.
ضلعي جا، نوابشاهه، قاضي احمد، سڪرنڊ، دوڙ، دولتپور،
شاهپور جهانيان،ڄام صاحب، بڇيري، ٻانڌي، سٺ ميل، نواب ولي محمد، سرڪاري کوهه، گٻچاڻي، چڪ نمبر ٽي،
منهڙو، محرابپور،
دليل ديرو، 68 موري، مشاخ، چندا سنگهه، مجيد ڪيريو، ماڙي جلباڻي، بچل پور، قمب ليمان، ناصري،
پيرزاڪري، دڙي مگسي ۽
کڏهر ننڍا وڏا شهر آهن . سنڌو درياءُ جي اوڀر طرف ڪپ تي ٻيلا اٿس جيڪي هن وقت آخري پساهن ۾ آهن، اتر طرف نوشهرو ۽ خيرپور، ڏکڻ ۾ مٽياري، اوڀر ۾ضلعو سانگھڙ اٿس.اپريلجي 2008ع تي سنڌ اسيمبلي جي
ٺهراءُ ذريعي نوابشاهه جو
نالو مٽائي شهيدبينظيرآباد رکيو ويو آهي . جيڪو هاڻي شهيد بينظيرآباد لکيو
۽ پڙهيو وڃي ٿو.
آبهوا جي لحاظ کان هي ضلعو گرم آهي، 48 f0 تائين
رڪارڊ ڪيو آهي.
عام طور 32 f0 تائين، جنوري
۾ ڊسمبر ۾ 17 f0 تائين رڪارڊ ڪئي وڃي ٿي. شهيد بينظيرآباد کي
سنڌ جي دل جو خطاب پڻ مليل آهي . مذهبي طور 96.53% مسلمان، 2.88% هندو، 0.33% عيسائي، 0.23% احمدي، ۽ 0.03% ٻين مذهبن جا
ماڻهو رهن ٿا.
ضلعي اندر 6695056 اهل ووٽرن جو تعداد آهي، جنهن مان 596763 رجسٽرڊ ووٽرآهن، ٻه قومي اسيمبلي جون سيٽون، 5 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون مليل آهن . ٻولي جي لحاظ کان 55.5% سنڌي،8.72% اردو، 8.90% پنجابي، 5.82% براهيوي، 24.00% بلوچي، ۽ 0.88% سرائيڪي گهرن ۾ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.
چانهون جو دڙولڳ سڪرنڊ ، ٺل مير رڪن
لڳ دولتپور ، دليل ڪوٽ لڳ سڪرنڊ ، مسجد ڪمب ليمانلڳ سڪرنڊ ، بهم جو دڙو ڳاڙهو دڙو لڳ دوڙ ، وينجهورولڳ سڪرنڊ، شڪر ڍنڍقلعو فتح آباد سڪرنڊ ، سخي ڄام ڏاتار، درگاهه مير متارو چوکنڊي دولتپور ، ميان نورمحمد جا قبا لڳ دولتپور ، درگاهه حمل فقير
لڳ سڪرنڊ ، درگاهه خيانروي شريف لڳ سڪرنڊ ، درگاهه قاضي احمد، درگاهه محمد شاهه ذاڪري سڪرنڊ ، درگاهه حسن شاهه جهانيان لڳ شاهپور جهانيان ، درگاهه نظر محمد شاهه لڳ سڪرنڊ، ناز باغ قاضي
احمد، درگاهه بلاول زرداري عرف بالو
فقير، خليفي مخدوم سيد بلاول جي مزار، وارث علي
شاهه، جمال شاهه، هوت فقير ، درگاهه نالي وڏو، درگاهه فيض هاشمي ڪريم آباد ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون درگاهون ۽ ماڳ موجود آهن
تعليمي لحاظ کان شهيد بينظير آباد اهم مرڪز آهي . قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ
ٽيڪنالاجي، وومين ميڊيڪليونيورسٽي، گورنمينٽ حبيب ڪاليج، پائيٽ ڪاليج، بينظير آباد يونيورسٽي، زرعي
ڪاليج سڪرنڊ، ووڪيشنل
سينٽر، بلاول
انسٽيٽيوٽ آف ريسرچ، بينظير پبلڪ اسڪول (گرلس)، 6ڊگري ڪاليج، 11هائير سيڪنڊري اسڪول، 51 هاءِ اسڪول، 105 مڊل اسڪول، 2621 پرائمري اسڪول، ان کان سواءِ 140 صرف نوابشاهه ۾ ڪيترائي (ڪي جي ) پرائيويٽ اسڪول، تعليم جي سلسلي
۾ روان دوان آهن . جنهن ۾ پرائمري
۾ 58544 ڇوڪرا ۽ 58444
ڇوڪريون ۽ مڊل ۾ 2924
ڇوڪرا ۽ 3081 ڇوڪريون، اليمينٽري ۾ 2461 ڇوڪرا ۽ 1115 ڇوڪريون، سيڪنڊري ۾ 18238 ڇوڪرا ۽ 7592 ڇوڪريون ۽ هائير ۾ 9233 ڇوڪرا ۽ 4242 ڇوڪريون زير تعليم آهن.
مجموعي طور
131665 ڇوڪرا ۽ 74574
ڇوڪريون زير تعليم آهن. ايڇ ايم خواجه، موهن لال، واس ديو، علي اڪبر شاهه عبدالقادر
ڏاهري مشهور تعليمي ماهر سڃاتا وڃن ٿا .