دوڙ شهر تاريخ جي
روشنيءَ ۾
دوڙ ٻانڌي ۽ بڇيري ٽئي ڀينرون هيون جن جو تعلق هندو مذهب سان هو هڪ ٻئي سان
تمام گهڻي محبت ڪنديون هيون ۽ هڪ ٻئي جي ويجهو رهنديون هيون تاريخي حوالي سان دوڙ
جي اولهه طرف مخدوم ابن الحسن ڏاهري جو مقبرو ۽ قبرستان موجود آهي جيڪو لڳ ڀڳ
ڪلهوڙن جي دور حڪومت جي لڳي ٿو مخدوم ابن الحسن ڏاهري ڪيترائي فارسي ڪتاب لکيا جن
۾ نيران تعارف فارسيه، ڪچڪول نام فارسي، سراج المصطفيٰ فارسي ۽ ٻيا ڪيترائي مشاهدي
علن جا ڪتاب لکيل اٿس بهم جو پڙو (ڳاڙهو دڙو) تاريخي ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن لاءِ
گمان آهي ته هي ٻڌڌرم جي تهذيب سان تعلق رکي ٿو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ غلام شبير
زرداري شهيد ٿي ويو هو تعلقي جي مشهو درگاهن ۾ ڄام صاحب درگاهه خان چانڊيو ۾ مقام
ڏيرڻ شاهه جي درگاهه هوت فقير موجود آهن تعلقه دوڙ جي ڪل آبادي 323262 آهي چوڏهن
يونين ڪائونسل جمال شاهه، سهيلو، 60ميل، اوٻام، سبادڻي، غلام حيدر شاهه، اسماعيل
بروهي، ڄام صاحب، گپچاڻي، ٻانڌي، دوڙ، ابوالحسن، جوڙو شر، آمري ۽ بڇيري شامل آهن
تعلقي جو وڏو شهر دوڙ ٻانڌي 60ميل بڇيري، ڄام صاحب ۽ گپچاڻي آهن. تعلقي جو وڏن ڳوٺ
ابوالحسن ڏاهري حاجي سوم ڪورائي رائو زرداري، غلام حسن مري، محمد سلطان لاشاري،
محمد جمن لنڊ، مهر علي وڳڻ، مريد مري، وريل شاهه، يار محمد جمالي، پير بخش
گورچاڻي، يوسف بروهي، دوڙائي مهر، پيرداد رند، اليون خان رند، اسملعيل خان بروهي،
لياري ۽ ٻيا ڳوٺ آهن ڄام صاحب ويجهو ديهه اڪرو ۾ 50 هزار ايراضي تي 31 ڍنڍون موجود
آهن وڏي ۾ وڏي ڇڇ ڍنڍ آهي جيڪا 6 ڪلو ميٽر ڊگهي هڪ ڪلو ميٽر ويڪري آهي جنهن ۾
لاتعداد واڳون موجود آهن وڏي ۾ وڏو واڳون 20 فوٽ جو آهي هن ۾ الاهي واڳون، سهه
تتر، ۽ ٻيا پکين جا شڪار موجود آهن واڳن جو تعداد هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي تعلقي جي
مشهور شخصيتن ۾ احمد علي جلباڻي جيڪو سنڌ اسيمبلي ميمبر رحيم بخش جمالي سنڌ
اسيمبلي ميمبر علي اڪبر جمالي تعلقا ناظم رهيو آهي خريار بروهي تعلقي جو ناظم
عبدالحسن جمالي ضلعي جو نائب ناظم هن وقت ضلعي نواب شاهه پ پ جو نائب صدر آهي سيد
باغ علي شاهه، فقير فيض محمد هيسباڻي، افضل چوڌري، بلوچ آباد جي ڪامريڊ ڪرم علي
جمالي عبداللطيف چوڌري عبداللطيف عباسي جن جو سياسي ڪردار رهيو آهي. ڪامريڊ علي
حسن چانڊيو پڻ هن ضلعي جو رهواسي آهي. تعلقي جي مشور راڳين ۾ عبدالواحد جمالي خادم
سيال، پنهل ٽالاڻي، الهه بخش اسماعيل زرداري دوڙ شهر جو صوبيدار محمد هارون
خاصخيلي پڻ مشهور سخصيتن ۾ رهيو آهي تعلقي جون دوڙ ۽ ٻانڌي ريلوي اسٽيشنون مشهور
آهن جيڪي انگريزن جي دور حڪومت ۾ شروع ڪيون ويون آهن تعلقي دوڙ جا مشهور عالم مصنف
ابوالحسن ڏاهري ، امام بخش زرداري، حاصل مري، حسرت شاهاڻي، رحماني، خان محمد
عباسي، رضا رسول بخش ڏاهري، عبدالخالق رند، عبدالرحيم فقير ڏهري، عنايت بروهي، غوث
محمد شاهه جيلاني. مشهور ڊاڪٽر امير عباسي، ڊاڪٽر اصغر شيخ، ڊاڪٽر معشوق گورچاڻي،
ڊاڪٽر عبدالرزاق راڄپر، ڊاڪٽر دولت جمالي، ڊاڪٽر خادم حسين ڀنگور، ڊاڪٽر نديم
اظهر، ڊاڪٽر وزير کوسو، ڊاڪٽر فرحانه ڀٽي، ڊاڪٽر علي بخش، ڊاڪٽر قربان کوسو، ڊاڪٽر
چتن مل ۽ ڊاڪٽر امداد حسين آهن. تعلقي اندر 4 آر ايڇ يو سينٽر 6بنيادي صحت مرڪز،
کوڙ ساريون گورنمينٽ ڊسپينسريون،صحت جون سهولتون مهيا ڪري رهيو آهن. تعلقص اندر
هاءِ اسڪول مڊل اسڪول، پرائمري گرلز اسڪول، موجود آهن، تعلقا دوڙ ۾ بروهي، جمالي،
زرداري، لنڊ، هيسباڻي، خاصخيلي، رند، گورچاڻي، رستماڻي، جلباڻي، ڏاهري، مري،
پنجابي برادرين جا ماڻهو رهن ٿا.