Nawabshah

1 comments
اڳوڻو نواب شاهه ۽ هاڻوڪو ضلع شهيد بينظيرآباد ڪاميابيءَ ۽ خيرخوبيءَ سان هڪ سو سالن جو طويل عرصو ڪري ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن آهي. انهيءَ ڊگهي عرصي دوران تعليم، صحت، سياست، اقتصاديات ۽ معاشرت جي ميدان ۾ هن ضلعي ڪيترائي معرڪا سر ڪيا آهن. جتي سنڌ جي علم و ادب ۾ شاندار ڪارناما سرانجام ڏنا ويا آهن، اتي سماجي شعور ۽ بهبوديءَ جي ڏس ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن کان هيءُ ضلعوگهڻو اڳڀرو رهيوآهي. فنونِ لطيفه، راڳ رنگ، ثقافتي ساز ۽ موسيقيءَ جي حوالي سان پڻ هن ضلعي ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيون آهن. هڪ طرف قاضي خضر حيات جي "سڪندر آرٽ گئلري" موجود آهي، ته ٻئي طرف غلام رسول نواب شاهيءَ جي ڇڏيل سُرن ۽ آواز کي انور حسين وسطڙي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلائي ڇڏيو آهي. جتي مصري خان جمالي، ڪاٺ جي ٺهيل الغوزي مان آلاپ ڇيڙيا، ته اُتي مٺا خان زرداريءَ مٽيءَ جي ٺهيل گهڙي مان اهڙا سُرَ ڪڍيا جن هن ضلعي جو نالو نه صرف پاڪستان، پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهورڪيو. جتي قابلِ احترام ايڇ. ايم. خوجا صاحب جو تعليمي خابُ هڪ اسڪول جي صورت ۾ موجود آهي، ته اُتي مختلف مضمونن تي مشتمل چئن يونيورسٽين تعليمي ماحول جي گونج کي نه صرف ملڪ اندربلڪ دنيا جي ٻين ملڪن تائين پهچائي هن ضلعي جي تعليمي حيثيت کي مڃرايو آهي. جيستائين سماجي تنظيمن جو تعلق آهي، ته انهن کان نواب شاهه جو ڪوبه تعلقو وانجهيل نه آهي. معياري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي موجودگيءَ کان وٺي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهميءَ تائين ضلع شهيد بينظيرآباد تمام اڳڀرو ۽ آسودو آهي. جتي جديد تعليم جي همارت جا ادارا هتان جي عوام جي گهربل خدمت ۾ ڪوشان آهن، اُتي اڳواڻي ڪرڻ جو اهل ثابت ٿي چڪو آهي. انهن سڀني بيان ڪيل حقيقتن جي روشنيءَ ۾ اهو انتهائي اهم هو ته هن ضلعي جو ڪو فرد انهن مڙني ڪارڪدگين کي يڪجاءِ ڪري، ملڪي سطح تي پذيرائي ڪرڻ سان گڏوگڏ هن ضلعي جي ڪيل ساري محنت، جدوجهد ۽ ڪوششن کي رائگان ٿيڻ کان بچائي ۽ هر صورت ۾ ان جي حفاظت ڪري ته جيئن آئينده جي مورخن ۽ محققن کي هيءُ ماخذ نما مواد هَڪيو تَڪيو هٿ اچي ته جيئن ان کي ملڪ جي تسلسل ۾ پيش ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. انهيءَ حوالي سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن ضلعي جي سو سالن جي تڪميل تي "شهيد بينظيرآباد – شهرِ بينظير" جي عنوان تحت سڄي ضلعي ۾ مختلف پروگرام مرتب ڪيا وڃن ته جيئن هن ضلعي جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن جي همت افزائي ڪري سگهجي ۽ انهن سگهارين شخصيتن کي مڃتا ڏجي، جن هن ضلعي جي ترقيءَ ۽ فلاح و بهبود ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اُهي تقريبات 15، 16 ۽ 17 فيبروري 2013 ع تي منعقد ڪيون پيون وڃن. انهيءَ سلسلي ۾ محترم خادم حسين چانڊيي جو ضلعي بابت ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب توهان جي اڳيان پيش ڪيو پيو وڃي. ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد اسان جي ايندڙنسلن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿئي. جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو آهي، تصويرن ۽ بهتر مواد جي مدد سان هن ڪتاب کي جاندار ۽ متاثر ڪندڙ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اميد ته هيءَ ننڍڙي ڪاوش پڙهندڙن جي معيار مطابق صحيح ثابت ٿيندي.

1 comment: